قاضي احمد ۾  زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 7 زخمي

قاضي احمد ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 7 زخمي

قاضي احمد: (ن س) قاضي احمد ڀرسان زمين جي مالڪيءَ تان ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻن معصوم ٻارڙن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب امداد ڀنڊ، سندس معصوم ڌيءَ صدف ڀنڊ ۽ ڀائٽي زرڪون ڀنڊ قتل ٿي ويا. گوليون لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا سخت ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو. جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو.انهي حوالي سان وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا ماڻهو زمين تي سرنهن جي ٿريشر تي ويل هئا اتي اسان جي برادري جي ماڻهن پاران گوليون هڻي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو