فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ميچن جو شيڊول جاري

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ميچن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 16 شهرن جي چونڊ ڪئي آهي، سڀ کان وڌيڪ 9 ميچون دهلي ۾ کيڏيون وينديون.فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جون 104 ميچون 3 ملڪن آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا ۾ کيڏيون وينديون، هر ميزبان پنهنجي ملڪ ۾ 3،3 ميچون کيڏندو.ميچ شيڊول موجب فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ايونٽ جي افتتاحي ميچ 11 جون تي ميڪسيڪو ۽ فائنل 19 جولاءِ تي نيويارڪ جي شهر نيو جرسي ۾ کيڏيو ويندو.شيڊول موجب فيفا ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل 14 ۽ 16 جولاءِ تي ڊيلاس ۽ ائٽلانٽا ۾ ۽ ٽئين پوزيشن جي ميچ 18 جولاءِ تي ميامي ۾ کيڏي ويندي. فيفا موجب گروپ جي پهرين 2 ميچن جي ڏينهن 2، 2 ميچون کيڏيون وينديون، گروپ جي آخري 4 ميچن جي ڏينهن 6، 6 ميچون کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو