فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت حساس اداري جي آفيس تي حملي جي ڪيس ۾ ملوث 4 جوابدارن کي آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي لاءِ ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصل آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد حسين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پاڪ فوج جي ڪمانڊنگ آفيسر جوابدارن جي حوالگي جي عدالت کي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. عدالت آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي لاءِ 9 مئي واقعي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي فوج حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
