فورٿ شيڊول جو طريقيڪار سخت ڪرڻ جو حڪم

لاهور (يب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ شهرين جا نالا فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار سخت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس امجد رفيق شهري جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو.عدالت دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت شهري جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت هدايت ڪئي ته فورٿ شيڊول ۾ نالو وجهڻ لاءِ سخت طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي، اهڙي پابندين کانپوءِ ماڻهو عزت سان زندگي نٿو گذاري سگهي، فورٿ شيڊول ۾ شامل شخص کي پنهنجي حرڪت تي پابندي لاءِ بانڊ ڀرڻو پوندو. فورٿ شيڊول ۾ شامل شخص کي حڪومت جڏهن چاهي گرفتار ڪري سگهي ٿي.عدالت چيو ته چوٿين شيڊول ۾ شامل شخص جي زندگي مشڪل ٿي ويندي آهي، اهڙن ماڻهن خلاف معلومات عام طور تي ايس ايم ايس يا واٽس اپ ميسيج ذريعي ورتي ويندي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته فورٿ شيڊول ۾ شهري جو نالو شامل ڪرڻ کان اڳ هڪ کان وڌيڪ فورمز کان معلومات ورتي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو