اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عام شهرين جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن واري معاملي تي خيبرپختونخوا ڪابينه ۾ اختلاف سامهون اچي ويا.ذريعن موجب، ڪي پي ڪابينه اختلاف راءِ سان انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي منظوري ڏني.ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ٻڌڻي تي انٽرا ڪورٽ اپيلون واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو هو، ڪي پي ڪابينه فوجي عدالتن واري معاملي تي انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.خيرپختونخوا جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪابينا جي ميمبرن کان هنگامي بنيادن تي سرڪلر ذريعي منظوري ورتي، انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ لاءِ ڪي پي ڪابينه جي وزيرن کان سمري تي صحيحون ورتيون ويون.ذريعن جو چوڻ آهي ته صحيح ڪندڙن ارشد ايوب، شڪيل احمد، فضل حڪيم خان، عاقب الله خان، مينا خان، نذير احمد عباسي، سيد قاسم علي شاهه ۽ محمد زبير شامل آهن. ذريعن موجب، خيبرپختونخوا جي 7 وزيرن اپيل واپس وٺڻ واري سمري تي صحيحون نه ڪيون، جن ڪابينا ميمبرن صحيحون نه ڪيون انهن ۾ عدنان قادري، محمد سجاد، فضل شڪور ۽ پختون يار خان شامل آهن، ان کانسواءِ آفتاب عالم آفريدي، خليق الرحمان ۽ فيصل خان ترڪئي به صحيحون نه ڪندڙن ۾ شامل آهن.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم