فوجي سربراهن جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت بل ڪميٽي مان منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي دفاع بابت قائمه ڪميٽي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت ترميمي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه دفاع واري وفاقي وزير ڪميٽي جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن چيو ته مان پوري ملڪ ۽ اپوزيشن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اڱاري تي هي بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايا ويندا. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ٻڌايو ته ڪجهه اپوزيشن ميمبرن چيو ته ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه مقرر ڪرڻ ۾ پارليامينٽري ڪميٽي جو ڪردار هجڻ گهرجي. جنهن تي مون کين ٻڌايو ته ان لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. ياد رهي ته حڪومت جمعي تي قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل خصوصي دفاع واري ڪميٽي جو اجلاس گهرائي بل منظور ڪرايو هو. جنهن تي ميان نواز شريف اعتراض ڪيو هو ته پارلياماني طريقه ڪار اختيار ناهي ڪيو ويو ان ڪري سندس پارٽي ووٽ نه ڏيندي. جنهن بعد حڪومت بلن جي منظوري لاءِ ڇنڇر تي سڏايل ٻنهي ايوانن جا اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو مسلم ليگ (ن) جي لنڊن ۾ ٿيل اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن کان قرآن پاڪ تي حلف ورتو ويو هو ته هو قيادت سان غداري نه ڪندا. نواز شريف ڪجهه اڳواڻن کي اها ڳالهه ياد به ڪرائي هئي جنهن بعد صورتحال يڪسر بدلجي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو