فنچ پاران ڌلائي، بارش سبب پهريون ٽي 20 بنا نتيجي ختم

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ پهرين ٽي 20 ميچ بارش سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي. آسٽريليا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته بارش شروع ٿي وئي، ڪجهه دير بعد ميچ شروع ٿي ته پهرين اوور جي ٻئي بال تي بنا رن ٺاهي فخر الزمان آئوٽ ٿي ويو. حارث سهيل ٻئي اوور ۾ 4 رنز تي پويلين واپس ويو. جنهن بعد وڪٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان بابر اعظم سان گڏ 60 رنز جي شراڪت بعد 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

ٻارهين اوور ۾ جڏهن پاڪستان جو اسڪور 88 تي ٽي آئوٽ هو ته وري بارش ٿي پئي جنهن سبب ميچ ڪجهه دير روڪي وئي ۽ امپائرز ڊي ايل ايس موجب مئچ 15 اوورز تائين محدود ڪري ڇڏي. آصف علي 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد عماد وسيم آيو ته هو به کاتو کولن کانسواءِ پويلين موٽيو. پاڪستان 107 رنز ٺاهيون بابر اعظم38 بالن تي 59 رنز ۽ افتخار احمد هڪ رن تي ناٽ آئوٽ رهيا. ڊي ايل ايس موجب پاڪستان جو ٽارگٽ 119 رنز مقرر ڪيو ويو. آسٽريليا پاران ڪين رچرڊسن 2 اوورز ۾ 22 رنز، مچل اسٽارڪ ٻن اوورز ۾ 22 ۽ ايشٽن اگر هڪ اوور ۾ 23 رنز ڏئي ٽي ٽي رانديگر آئوٽ ڪيا. آسٽريليا جي اننگ شروع ٿي ته ڪپتان ايرون فنچ پاڪستاني بالرز جي ڌلائي شروع ڪئي 5 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 3.1 اوورز ۾ هن 16 بالن تي 37 ۽ وارنر 4 بالن تي 2 رنز اسڪور ڪيون ته بارش شروع ٿي وئي.

آسٽريليا 41 رنز بنا نقصان ٺاهيون ته ميچ بنا نتيجي ختم ڪئي وئي. جنهن نموني فنچ بيٽنگ شروع ڪئي ان مان ته لڳي پيو ته 10 اوورز کان اڳ ئي هو کٽي ويندا پر پاڪستاني بالرن جي الله ٻڌي ۽ بارش سبب پت رهجي وين. ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو ٻيو ميچ 5 نومبر ۽ آخري 8 نومبر تي کيڏيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو