فلور ملز، ٻج ۽ فيڊ ملن ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي

لاھور (ويب ڊيسڪ)فلور ملز، ٻج ۽ فيڊ ملن ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب فلور ملز 10 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي جڏهن ته فيڊ ملز 10 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ سيڊ ملز 6 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ملز ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت هن سال اوپن پاليسي جو فائدو وٺندي.ذريعن موجب پهريون ڀيرو حڪومت بدران خانگي شعبي کليل نموني ڪڻڪ خريد ڪري رهيو آهي.هن وقت 10 سيڪڙو کان گهٽ نمي واري ڪڻڪ جو اگهه 3350 رپيا آهي، 20 سيڪڙو نمي واري ڪڻڪ جو اگهه 3000 رپيا آهي.پنجاب حڪومت في الحال ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو