فلم جي شوٽنگ دوران زخمي اروشي روٽيلا اسپتال منتقل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا اروشي روٽيلا فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي.ڀارتي ميڊيا موجب 30 ورهين جي اروشي روٽيلا حيدرآباد ۾ فلم (اين بي ڪي 109) جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي.اروشي روٽيلا جي ٽيم پڻ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.ان حوالي سان اداڪارا جي ٽيم هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اروشي روٽيلا ايڪشن سين جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي هئي، سندس هٿ ۾ فريڪچر ٿيو هو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو