فلم انڊسٽريءَ جي ترقيءَ لاءِ قدم کنيا وڃن؛ ساره لورين

لاهور (ويب ڊيسڪ) معروف ادڪاره ۽ ماڊل ساره لورين چيو آهي ته ٽي وي سان لاڳاپيل ماڻهن فلم جي شعبي جي بحالي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اهو هڪ بهتر عمل آهي هاڻي فلم سان لاڳاپيل ماڻهن کي به گهرجي ته هو ان جي سپورٽ ڪن ۽ ان عمل ۾ ان سان سينو ملائي هلن ته جيئن فلم انڊسٽري کي ترقي ملي سگهي. اداڪاره هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ترقيءَ جي رستي تي اڳتي وڌڻ لاءِ اڃا ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪرڻيون آهن هتي هاڻي فلمسازي جو نئون دور شروع ٿيو آهي پر ان باوجود ڪيترائي مسئلا آهن جنهن جي حل لاءِ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ رسائي ممڪن ناهي. اداڪاره ساره لورين چيو ته هن وقت پاڪستاني ڊرامو پنهنجي عروج تي آهي جهڙي طرح ماضي ۾ پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪيو ويندو هو اهڙي طرح هينئر به پسند ڪيو وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو نوجوان نسل جي وڏي تعداد ڊرامن جو شعبو سليڪٽ ڪري رهي آهي. ادڪاره وڌيڪ چيو ته فلم جو انداز هن وقت سڄي دنيا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جهڙي طرح فلمسازي جي شعبي ۾ تبديلي آئي آهي اهڙي طرح فلم جي ڪهاڻي، ميوزڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ به تبديلي ٿي آهي. ليڪن اسان وٽ هن مهل تائين ساڳيا پراڻو ميوزڪ، پراڻي فلم جي ڪهاڻي ۽ ٽيڪينڪي شعبي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان جو فلمي شعبو هن وقت تائين ترقي ڪرڻ بجاءِ ڏيهنون ڏينهن پوئتي هلندو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو