فلسطين مسلمانن جي ڪھڙي عيد !‎

شفيق وساڻ
ھي مسلمانن جي عيدالفطر وڏي م وڏي عيد آھي . پر ھن وقت پوري دنيا جي امت مسلمانن ملڪن تي نظر وجھنداسين ته فلسطينين تي ظلم ٿي رھيا آھن . اسرائيل غزه تي بم باري ڪري فلسطينين جا معصوم ٻارڙا شھيد رھيا آھن . ياد رھي ھي فلسطين م آيل يھودين کي مسلمانن انسانيت خاطر پنھنجي ڌرتي تي رھڻ ڏنو . ھٽلر ھنن کي تباھ و رباد ڪري ڇڏيو ھيو ء جيڪي بچيا ته انھن فلسطين ڏانھن رخ ڪيو پر آھي پناھ وٺندڙ يھودي وري فلسطين تي ظلم ء مسلمانن کي ماري رھيا آھن ھر روز مائون ٻائرن جا لاش ، پٽن جا لاش ، ورن جا لاش ء عورتن جا کڻي رھيا آھن . اسرائيل پنھنجي ھٽ ھوڏ تائين نه لھي رھيو آھي اھو پنھنجي ظلم بربريت ڏاڍ کي جاري رکيو ويٺو آھي . اقوام متحده انساني حقن جون تنظيمون ء مسلمان سواء ايران کانسواء ٻيا مسلمان ملڪ چپ خاموش آھن . حالانڪه ايران ننڍڙو ملڪ آھي پر مسلمان ملڪن جي ھر دور م مدد ء يھودين سان اکيون اکين سان ملائي جنگ ڪئي آھي . ھميشه دليراڻا جواب ڏنو آھي . آمريڪا سپر طاقت آھي پر ايران جي تاريخ رھي آھي ته انجي آڏو پنهنجو ڪنڌ اونچو رکيو آھي . ھن وقت مسلمان ملڪ ته عيد جون خوشيون ملھائي رھيا آھن پر فلسطين م مسلمان يھودي جي ھٿان قتل ٿي رھيا آھن . ھن ڏکئي گھڙي م مسلمان ملڪن کي سمجھڻ ء سوچڻ گھرجي ته آخر توھان ان ظلم تي ڇا خوش آھي ؟ مسلمان ملڪ قدرتي وسائل سان مالامال به آھن . پر پاڻ م ٻڌي نه ھجڻ جي ڪري دشمن ملڪ حاوي آھن . مسلم ملڪن کي ھڪ پيج تي ھجڻ گھرجي . گڏجي مضبوط آواز ٿي فلسطين جي مسلمان جي مدد ڪرڻ گھرجي . اقوام متحده ء انساني حقن جي تنظيمن کي به فلسطين جي مسلمان جي جنگ بندي جي لاء مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي . ھن وقت اسرائيلي لابي ء اولھ جي ملڪن جي ظلمن خلاف مسلمان ملڪن کي گڏجي مضبوط آواز اٿارڻ گھرجي ء قراردادون پيش ڪرڻ گھرجن . ھن جنگ کي لڳ ڀڳ 7 کان 8 مھينا ٿيڻ وارا آھن . فلسطيني مسلمان گھر کان بي گھر ء روز مري رھيا آھن . پر آھي پنھنجي پر زور عزم ء مقصد کان ھٽي نه رھيا آھن . فلسطيني جي لاء ھي ڪھڙي عيد آھي جيڪي ظلم جي چڪيءَ م اسرائيلي جي ھٿان شھيد ٿي رھيا آھن . مسلم امہ کي فلسطين جي لاء مدد ء گڏجڻ گھرجي ته جئين اسرائيلي پنھنجي ظلم کان باز اچي سگھن . اسان فلسطين جي مسلمانن جي لاء دعاگو آھيون ء اسرائيلي جي اھڙي ظالم برتاءُ جي سخت لفظن م مزمت ڪيون ٿا ء اقوام متحده ء انساني حقن کي جنگ بندي جي لاء مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ء جئين فلسطين م امن ٿي سگھي ء مسلمان ٻائر پنھنجي گھرن ء ڌرتي تي سڪون جو ساھ کڻي سگھن .

پهنجو تبصرو موڪليو