ممبئي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڀارتي اداڪارا ثنا خان به فلسطين تي جاري اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿاريو.سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ثنا خان لکيو ته بي رحم ۽ بي شرم ماڻهن اسپتال ۽ معصوم ٻارن تي حملو ڪيو ۽ هو ان کي دفاع چوندا آهن.هن لکيو ”پريشان نه ٿيو، توهان سڀني لاءِ هميشه لاءِ جهنم ۾ هڪ خاص جڳهه آهي،“ ثنا خان ٻي ڪهاڻي ۾ لکيو ته هوءَ ڪالهه به فلسطين سان گڏ هئي، اڄ به فلسطين سان گڏ آهيان ۽ سڀاڻي به ويندس.
