فلسطينين تي ظلم ۽ ڇڙوڇڙ مسلمان

رياض ابڙو
مسلمان تيستائين طاقتور هيا، جيستائين انهن وٽ سائنسدان، علم ادب، تحقيق ۽ تدبر وارا عالم موجود هيا. پر اهي وقت سان گڏ ميٽجي ويا ۽ مسلمان پنهنجو جاھ ۽ جلال برقرار رکي نه سگهيا ۽ مسلمانن جي ليگسي هلندي نه آئي. اهي جيترا ۽ جيستائين جنگي، دلير، جانباز ۽ سپھ سالار هيا تيستائين اسلامي دنيا جي هاڪ هئي جو اسلامي دنيا جا جنگجو دنيا جي وسيع ۽ عريض رقبي تي ڏينهون ڏينهن والار ڪندا هلندا ويندا هيا. پر هلندي هلندي اهي ڪمزور ٿيندا ويا، ڇو ته جنگي حرفتون تلوارن، گهوڙن، هاٿين مان بدلجي توپن، ايٽم بمن ۽ گولن تائين اچي ويون. ان جاءِ تي دنيا ۾ ٻيون قوتون سماجي، معاشي ۽ جنگي اصلاحات آڻي حڪومتون ڪري ويون ۽ ڏسندي ڏسندي اهي قوتون دنيا جون سپر پاور ٿي ويون. وري هلندي هلندي يورپي طاقتن 1918 تائين سلطنت عثمانيا کي ٽوڙي انهن مان عربن جا 12 ملڪ تيار ڪري ورتا، جيڪي وري اهڙي حڪمراني جي وَرِ چڙهي ويا جو نه نبرندڙ تعصبي ۽ فرقيواريت وارين جنگين جو شڪار رهيا. جيڪي اڃان تائين اهو طئي ناهن ڪري سگهيا ته انهن وٽ ڇا هجي ۽ ڪير هجي، ۽ ان اهڙي تناظر جي ڪري دنيا جي اسلامي قوتن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو جيئن عراق. يا هاڻي وري ايران تان نظر ئي نه ٿا هٽائن، باقي عربن کي پنهنجي چنبي ۾ ڪيون ويٺا آهن. اتي اسرائيل جي ڳالھ ڪيون ته ترڪي ڀلي ڪيترو به ٽَڏَي، پر وري به اسرائيل سان بنا شرطن جي ٺاھ ڪري ويهي رهيو هيو، معني جيڪي سرغنا هيا جيڪي سلطنت عثمانيا جا مهندار هيا، جن جي طاقت جا مثال دنيا ڏيندي نه ٿڪبي هئي، جيڪي ايڏا پکيڙ ۽ والار وارا هيا پر وري هڪ ئي ڌڪ ۾ سوڙها ٿي ويهي رهيا، معني ويهين صديءَ ۾ يا ٻنهي مهاڀاري لڙاين کانپوءِ جتي برطانيا جو راڄ ختم يا سوڙهو ٿي ويو اتي مسلمان به ڌڪجي ڌار ٿي ڪنڊ وٺي ويهي رهيا ۽ حيرت آ جو وري مختلف بلاڪن جي صورت ۾ رهيا، جو وري انهن جو مڙڻ مشڪل ٿي پيو.
اسرائيل کي نه مڃڻ پٺيان اهي به ڳالهيون هيون ته انهن جي ناجائزي ڪري فلسطينين جي ڌرتي تي قنضو ڪري پنهنجي رياست بڻائي ڇڏين، جيڪي وڃي ٿي وڌندي وڃي ٿي ڦهلبي، جيڪا روڪجڻ واري ناهي. ان ڪري سڄي دنيا جا ملڪ ۽ خاص اسلامي ملڪ ان کي رياست مڃڻ لاءِ راضي نه هيا، ۽ ڪجھ اڃان به ناهن. پر ٻيا اسلامي ملڪ پنهنجي جاءِ تي عربن ته ڍر ئي نه ڪئي، اهي ته اسرائيل سان گڏ وڃي ويٺا، پوءِ اسان ويٺا ڀتين تي گار گند لکون، اسان ويٺا پنهنجي منهن پمفليٽ ڇپرائي القدس، القدس ويٺا ڪيون. پر سڄي ان ڳالھ ۾ او آءِ سي ڇا ٿي ڪري؟ ان ڳالھ ۾ اسلامي ملڪن جي سربراھ ڇا ٿا ڪن؟ يا انهن جي جونءَ به نه ٿي چري، يا اهي ڪهڙيون تحريڪون ٿا هلائن؟ گذريل سال محمد علي خاجا (جيڪو امارات جو پهريون ايمبيسيڊر آ) جيڪو اسرائيل پهتو هيو جنهن جو وڏو استقبال ڪيو هين، اتان جي صدر ”ريوون رِوِلِن“ تائين خيريت جو پيغام پڄايائين، اسرائيلينان ڳالھ تي وڏي سرهائي ڏيکاري هئي ته سڄو اسرائيل عربن جي آجيان تي ۽ اسرائيل کي ملڪ مڃڻ تي خوش آهن. انهن سان گڏ دنيا جا ٻيا اسلامي ملڪ به آهن جيڪي اسرائيل کي مڃن ٿا (رڳو اسان وٽ اعتراض آهن) اهي ملڪ ته مذهبي رنگ ۾ ئي ناهن، اهي ته رڳو سياست ٿا ڪن. پر ان سڄي مڃتا ڏيارڻ ۾ آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ هيو، ڇو ته مشروط طور تي اسرائيل به راضي ٿي ويو هيو ته جي مصر جيڪا اسرائيل کي 1979 کان ملڪ تسليم ڪري ويٺي آ، جنهن مڪمل سياست ۽ ڊپلوميٽڪ رابطا بحال رکيا آهن، ۽ وري اتي رهيل کهيل عرب ۽ اسلامي ملڪن به تسليم ڪيو جن ۾ اردن 1994 کان پنهنجا سياسي ۽ سفارتي ناتا جاري ۽ بحال رکيون ويٺو آ، وري بحرين، موراڪو ۽ سوڊان آهستي آهستي ”ابراهام اڪارڊ“ جو حصو بڻجندا ويا آهن، جنهن جي مڃائڻ ۾ ٽرمپ سرڪار جو وڏو هٿ رهيو هيو، جنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ واقعي ئي عرب اچي ويا هيا، توڻي جو وچ ۾ عرب ملڪ بسميت ايشيائي مسلمان ملڪن جي جيڪي اسرائيل تي ڪاوڙيل رهيا جنهن 1967 واري لڙائيءَ ٽي لک کان مٿي فسلطينين کي بي گهر ڪري تڙي ڪڍيو ويو هيو، رڳو غزا ۽ ويسٽ بئينڪ (جنهن ۾ ييريشلم به اچي ٿو) جتي مسلمان معني فلسطيني رڳو مسجد اقصي تي قابض آهن باقي ييروشلم جو وڏو حصو اسرائيل جي قبضي ۾ آهي. اسرائيلين جي اتي سپريم ڪورٽ، وزيراعظم هائوس، سرڪاري آفيسون ۽ ٻيون آباديون پڻ آهن، سواءِ مسجد بيت المقدس جي شهر جو سمورو ڪنٽرول اسرائيل وٽ آهي. فلسطينين وٽ رڳو ييرويشلم جو باقي ڪجھ حصو وڃي بچيو آ، مڃون ٿا ته اسرائيلي وکريل ۽ ڪڻو ڪڻو آهن جن جو وري هڪ جاءِ تي ملڻ مشڪل هيو جو هڪ ته حضرت موسي عليه السلام جي دور ۾ وکري ويا هيا، ٻيو وري ”نازي ڪيمپ“ ۾ رهيا کهيا ”اڊولف هٽلر“ 1941 کان 1945 تائين تقريبن 60 لک يهودي ماري ڇڏيا.
جڏهن 30 جنوري 1933 تي هٽلر کي جرمني جو چانسلر بڻايو ويو هو تڏهن هن سڄي يورپ ۾ يهودين جي خلاف مهم هلائي انهن جي ڪاروبارن جو بائيڪاٽ ڪيو هيو. آهستي آهستي انهن کي سڄي يورپ مان ڌڪي ڪيمپ جي صورت هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو ويو هيو، اها مهم ايڏي ڊگهي هئي جو 1935 کان هلندي هلندي 1938 تائين هلي ۽ وري جڏهن هٽلر سيپٽمبر 1939 ۾ پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو جو ٻي مهاڀاري لڙائي ڇڙي پئي ۽ ڪيمپ ۾ رهيل 60 لک يهوين تي سڌي فائرنگ ڪري انهن کي ٿڏي تي ماري ڇڏيو هين، جن ۾ ٻار ۽ زائفون به شامل هيون، ۽ بچيل يهودين جي لاءِ هٽلر اهو چئي ويو هيو ته ”انهن کي ان ڪري ڇڏي ٿو وڃي ته دنيا ڏسي ته اهي ڪيترا خطرناڪ آهن“ پر ڳالھ اها هئي ته جي اهي اسرائيلين جي لاءِ خطرو هيا ته هاڻي مسلمانن جي لاءِ به ٿي سگهن ٿا جنهن جي لاءِ هاڻي جي مسلمانن جو گڏجڻ ڀلي ممڪن ناهي پر مسلمانن جو هڪ نه ٿيڻ خطري کان خالي ناهي، ۽ ڳڻتي اها به آهي ته فلسطيني عربن جي اهڙن وقتي ٺاهن کي مڃن ئي نه ٿا، اهي ته عربن جي اهڙي حرڪت کي فلسطيني عربن جو قومي ڏوھ سمجهن ٿا ، اهي ان کي نندن ٿا، فلسطيني ته اسان کان وڌيڪ اسرائيلين کان ۽ انهن سڀني عرب ملڪن کان به نفرت ٿا ڪن جيڪي فلسطينين کان انهن جي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪائي رهيا آهن، جيڪي مسلسل حملن، خونريزين ۽ جنگين کانپوءِ ڄڻ ته هارائجي ويا آهن، ڇو ته اسرائيل سڀ فلسطيني ڌڪي سوڙها ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي هاڻي رڳو ويسٽ بئينڪ ۽ غزا جي پٽي ۾ رهجي ويا آهن، ييروشلم جيڪو ويسٽ بئينڪ ۾ هوندي به فلسطينين جو ناهي، اتي ته اسرائيل نوان رهائشي پروجيڪٽ پيو ٺاهي، ان جي روڪڻ جي لاِ عرب ڪڏهن به اڳتي وڌي اسرائيل کي نندن نه ٿا، رهندو ڪندو اسرائيل جي رياست کي مڃي انهن سان سياسي ۽ سفارتي ناتا بحال ٿا رکن، جيڪي کڻي اڻٽر آهن پر فسلطنين جي زندگي، انهن جي ڌرتي ۽ انهن جو نسل ان سڄي پٽيءَ تي تيستائين خطري ۾ رهندو جيستائين اسرائيل جي بربريت کي عرب هڪ قوم جي صورت هڪ ٿي جواب نه ٿي ڏين، ڇو ته رڳو ”لپ سروس“ سان ڪم نه هلندو.
اسرائيل جو به ظلم نڪري نروار ٿيو جو 1948 واري عرب اسرائيل وار ۾ جتي فلسطين سو سيڪڙو هيو پر ان جنگ کانپوءِ اسرائيل جي والار 60 سيڪڙو ٿي وئي ۽ فلسطين وري رڳو 40 سيڪڙو تائين رهجي ويو. معني ويسٽ بئينڪ جنهن ۾ ييروشلم، بيت المقدس ۽ غزا واري پٽي رهجي وئي جتي فلسطيني ”ڪارنر“ ٿي ويا. باقي سڄو علائقو اسرائيل ٿي ويو، پر ايڏي جنگ ۽ جدال کانپوءِ به فلسطينين جي همت هئي جو هنن ييروشلم، واري سڄي پٽي اسرائيل جي قبضي ۾ نه ڏني، جنهن تي اسرائيل جو ظلم ۽ ڏاڍ جاري آ ته جيئن اتان به فسلطيني نڪري وڃن ۽ اهو بيت المقدس وري سڄي جو سڄو اسرائيل جي قبضي ۾ اچي. پر حيرت اها به آهي ته اردن، مصر ۽ لبنان جي وچ ۾ اسرائيل ايترو دليري سان قابض آ جو فسلطينين جي زندگي آزار بڻائي ڇڏي اٿئين، جنهن جي لاءِ مسلمان ڪجھ به ناهن ڪري سگهيا پر رهندو ڪندو انهن اسرائيلين جي ڏينهنون ڏينهن پکيڙ، واڌ ۽ آبادي ڏسندا ٿا رهن، پر ڪن ڪجھ به نه ٿا. هاڻي ته آهستي آهستي اسرائيل وڃي ٿو وڌندو، فلسطيني جيڪي 1948 ۾ سو سيڪڙو قابض هيا، اهي 1967 جي ٻي عرب اسرائيل جھڙپ کانپوءَ 40 سيڪڙو رهجي ويا هيا ۽ هاڻي وري 25 سيڪڙو فلسطيني آباد آهن ۽ باقي سڄو علائقو اسرائيل جو آ، جو ويسٽ بينئڪ ۽ غزا جي پٽي ۾ فلسطيني ويڙهجي ويٺا آهن. مسلمانن جو هڪ خدشو بجا آهي ته اسرائيل واقعي ئي ”گريٽر اسرائيل“ جي چڪر ۾ ضرور آ، جنهن وٽ آمريڪا جهڙي ملڪ جي ”ٿنڪ ٽينڪ“ آهن، معني اهي آمريڪا ۾ 54 سيڪڙو آبادي رکن ٿا. هاڻي ته انهن وٽ ٽيڪنالاجي، دنيا جون بهترين ايجادون، ايٽم بم، بهترين جي ڊي پي، ورلڊ ڪلاس مين پاور، دنيا ۾ پکيڙيل ڪمپنيون ۽ ناڻي جي سگھ آهي جنهن جي بنياد تي اهي دنيا جون طاقتور قومون آهن، ان جي مقابلي ۾ مسلمان ڀائر (عرب) جيڪي ان يورپي ملڪن جي ڪک ۾ رهيا پيا آهن انهن وٽ رڳو الله ڪارڻ پٽ پاراتو آ، سکڻون دعائون ۽ آسرا آهن ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي ايمان جي طاقت جيڪا ڪجھ به نه ڪري سگهندي پر کٽيو انهن ملڪن جيڪي ترقي ۾ اڳڀرا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو