فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز جي حمايت

اسلام آباد (اياز مهر) جميعت علماءِ اسلام يعني جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو سان ملاقات کانپوءِ 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻنهي وڏين اپوزيشن پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي پاران ڌرڻو هڪ مهيني لاءِ پوئتي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري سولو فلاءِ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ميان شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري ڌرڻو ملتوي ڪرڻ بابت پارٽي جي فيصلن بابت ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته هو بيمار آهي آڪٽوبر ۾ ڌرڻي ۾ قيادت نه ڪري سگهندو. جنهن تي نواز شريف کيس چيو ته اوهين آرام ڪريو ڪو ٻيو ليڊر قيادت ڪندو، ڌرڻو ملتوي نه ٿيندو، مسلم ليگ (ن) ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندي. نواز شريف مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي چيو آهي ته هو هر حال ۾ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته 27 آڪٽوبر تي مظاهرا ڪري ڪشميري عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويندو، اُن کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ ٿيندو ۽ سموري ملڪ مان قافلا اسلام آباد پهچن جتي ڌرڻو لڳندو ۽ اسين جلدي وڃڻ لاءِ ڌرڻو نه پيا هڻون. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو سان هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ نه ڪنهن چيو آهي ۽ نه ئي وري سندن اهڙو ارادو آهي. هو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڏيکاريندا. هن چيو ته سموريون سياسي جماعتون متفق آهن ته ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرايون وڃن، حڪومت سان ڪنهن به معاملي تي مفاهمت نه ڪئي ويندي. ملڪ هن وقت رسڪ تي آهي ۽ هاڻي پاڪستان جي بقا جو سوال پيدا ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مولانا چيو ته سڀئي ڏسندا ته مارچ ۾ 15 لک ماڻهو ڪيئن ٿا اچن. اُن کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، فرحت الله بابر، مصطفيٰ کوکر ۽ قمر الزمان ڪائره به ساڻس گڏ هئا، ملاقات ۾ ٻئي ڌر جا مولانا غفوري حيدري، اڪرم دُراني، مولانا اسد محمود ۽ ٻيا موجود هئا. بلاول جو آڌر ڀاءُ مولانا جي پٽ ڪيو. ملاقات دوران جي يو آءِ جي آزادي مارچ ۽ حڪومت مخالفت تحريڪ هلائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته پ پ ۽ جي يو آءِ ف موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ سميت ڪجهه نقطن تي متفق ٿيون آهن، موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. فرحت الله بابر چيو ته هو ٽيڪنوڪريٽ حڪومت نه پر نئين سر چونڊون چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته 2018ع واريون چونڊون جعلي هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو