فسادين پاران چونڊن دوران مظفرآباد ڏانهن مارچ وڏو سازشي منصوبو هو

فسادين پاران چونڊن دوران مظفرآباد ڏانهن مارچ وڏو سازشي منصوبو هو

مظفرآباد (م ڊ): آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن دوران فسادين پاران مظفرآباد ڏانهن مارچ ڪرڻ هڪ رٿيل سازشي منصوبو هو، جنهن جو مقصد وڏي پيماني تي بدامني پکيڙڻ هو. هن انڪشاف ڪيو ته شرپسند معصوم ڪشميرين جو رت وهائڻ جو منصوبو ڪيترائي هفتا پهريان تيار ڪري چڪا هئا، انهن وٽ جديد هٿيار آهن ۽ اهي اهم سرڪاري هنڌن تان سيڪيورٽي فورسز تي نشانو ٻڌي رهيا آهن. وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي ته اهي شرپسندن کان پري رهن ڇاڪاڻ ته اهي شهرين کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي، پوليس موجب ڪالعدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته راولا ڪوٽ مارچ دوران وڏي پيماني تي جهڙپون ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي جاني نقصان ۽ زخمين جا اطلاع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو