فرشته ڪيس، آءِ جي ابتدائي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) 10 سالن جي نياڻي فرشته تي جنسي تشدد بعد قتل واري واقعي بابت وزيراعظم جي نوٽيس وٺڻ بعد آءِ جي اسلام آباد اڄ خميس تي وزيراعظم کي ابتدائي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ غفلت برتيندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي ايس پي عمر خان کي عهدي تان هٽائي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، ڊي ايس پي شهزاد ٽائون محمد عابد کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. آءِ جي آفس گذريل رات گرفتارين جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته فوجي ترجمان پڻ پنهجي ٽوئيٽ ۾ ٻارڙي جي قتل جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جي حمايت ڪئي هئي ۽ فوج پاران هر قسم جي تعاون جي پيشڪش به ڪئي هئي. ٻارڙي جي والد گل نبي موجب 15 مئي تي سندس نياڻي راند ڪرن ٻاهر وئي ته دير تائين نه موٽي. جنهن بعد هن شهزاد ٽائون ٿاني تي اطلاع ڏنو، پوليس 16 مئي تي لاپته ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو، 19 مئي تي هن ٿاڻي ۾ بازياب ڪرڻ ۽ اغوا ڪارن خلاف ڪاروائي بابت ڪيس داخل ڪرايو. 20م مئي تي جهنگ مان ڇوڪري جو لاش مليو، منهن تي تيزاب هارڻ ۽ جسم تي زخمن جا نسان هئس. هن پولي ڪلينڪ مان پوسٽمارٽم ڪرايو. ان دوران پوليس اهلڪارن ساڻس تعاون نه ڪيو. سول سوسائٽي ان بابت اسلام آباد ۾ مظاهرو ڪيو جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا، جنهن بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو