لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ فرخ حبيب جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور جي زمان پارڪ ٻاهران ڪارروائي دوران پوليس تشدد جي ڪيس ۾ جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويو آهي.
