فاطمه ڀٽو جي وطن واپسي، شهيدن جي مزارن تي حاضري

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو وڏي عرصي بعد ڪارڪنن جي وڏي جلوس جي صورت ۾ سکر ايئرپورٽ کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي. جتي هن پنهنجي والد شهيد مير مرتضيٰ، ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، چاچي شهيد شاهنواز ڀٽو، ڏاڏي بيگم نصرت ڀٽو، پڦي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. فاطمه ڀٽو جي مزار تي پهچڻ دوران موجود ڪارڪنن مٿس گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ جذباتي انداز ۾ نعريبازي ڪئي جنهن بعد هوءَ ڪارڪنن جي قافلي سان گڏجي المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي لاءِ رواني ٿي وئي ٻه مهينا اڳ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسيءَ جي جلسي ۾ “ظلم جو خاتمو فاطمه فاطمه، ظالمن جو خاتمو فاطمه، فاطمه، زرداري جو خاتمو فاطمه فاطمه” جا زوردار نعرا لڳا هئا، ساڳيا نعرا سندس استقبال دوران به لڳا. جنهن کانپوءِ فاطمه ڀٽو جو ٻن مهينن بعد ڏيهه اچڻ ۽ ان جو ميڊيا کي آگاهه ڪرڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد هوءَ عملي طور سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري.

هن ڊکڻ ويجهو ڳوٺ مور خان عمراڻي پهچي پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي سان ڪراچي ۾ پوليس هٿان شهيد ٿيل سندس ڀاء اسد عمراڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ سندس قبر تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ان موقعي تي فاطمه ڀٽو سان گڏ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ سڪندر جتوئي مور خان مگسي زبير جتوئي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ گڏ هئا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو