فاطما جي وارثن سان تغزيت جو سلسلو جاري

راڻيپور/ نوشهروفيروز(نمائندن وٽان) پِيرن جي حويليءَ ۾ بدترين جنسي ۽ جسماني تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي تڏي تي تعزيتي سلسلو جاري آهي. مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻ نياڻي جي والدين ۽ مائٽن سان افسوس جو اظهار ڪندي فاتحو ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ذوالفقار جونيئر ، سنڌ نواز گهانگرو، اخلاق جوکيو ۽ ٻين عذر خواهي ڪئي.

Photo Sindhyar

ان موقعي ڳالھائيندي ذوالفقار جونيئر چيو تہ فاطمه ڦرڙو جو واقعو تمام ڏکوئيندڙ آھي ھن وڌيڪ چيو تہ فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسان ويڙهه ڪنداسين ۽ اھو عمل ايسيتائين جاري رھندو جو ڪو به ماڻھون اھڙو عمل ورجائڻ جي ھمٿ نه ڪري سگهي. سنڌ نواز گهانگهرو چيو ته پِيرن پاران معصوم فاطمه جي وارثن کي مسلسل حراسان ڪرڻ باوجود انھن جا حوصلا بلند ڏسي پرعزم آھيون ته سنڌ جو شعور جڏھن جاڳي ٿو ته ڪيئن نه مسڪين ماڻھن جو جگر شينھن وانگر پيرن اڳيان گجگوڙ ڪري ٿو.

Photo Facebook

ياد رکو اڃان اوھان جو حشر ان کان به برو ٿيندو اھا ته اڃا شروعات آھي، توھان جا سڀ ڍونگ ۽ ڪوڙ ھاڻ دنيا اڳيان پڌرا ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته وحشي جوابدار اسد شاھ کي ڦاسي جي سزا ڏني وڃي، ان سان گڏ پيري مريدي تي پابندي وڌي وڃي ۽ ان جي سهولتڪار فضل شاهه جو نالو به شامل ڪيو وڃي. هن راڻيپور جي هڪ ٻئي حويلي مان قمبر جي گم ٿيل ناري ثنا گراماڻي جي گم ٿيڻ جي مذمت ڪندي چيو ته ان جي به قتل جو خدشو آهي. اسين پيراڻين حويلين ۾ وحشياني سلوڪ خلاف 27 آگسٽ تي ٻبرلوءِ باءِ پاس تي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو