غير معياري ملاوٽ واري کير خلاف احتجاج

غير معياري ملاوٽ واري کير خلاف احتجاج

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) ڪراچي شھر ۾ غير معياري کير جو وڪرو ۽ من پسند ريٽ مقرر ڪرڻ خلاف شھرين پارن بينر لڳائي ڇڏيا. آئي ڏينھن غير معياري ۽ ملاوٽ واري کير جا دوڪاندارن پاران پنھنجا من پسند ريٽ مقرر ڪرڻ تي شھرين مهم ھلائي ڇڏي، چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري آفيسرن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو عوام پريشان مسلسل مھنگائي چوٽ چڙھي وڃڻ ۽ دوڪاندارن پاران پنھنجا من پسند ريٽ مقرر ڪرڻ تي شھري ميدان ۾ اچي ويا، صرف ھڪ ھفتو کير نه وٺو پاڻ ئي انهن جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو شھري عوام جا ويچار ، پوري ڪراچي ۾ غير معياري کير ۽ ملاوٽ وارو کير وڪرو ڪري عوام کي زھر جيئان پياريو پيو وڃي پر چونڊيل نمائيندا توڙي سرڪاري آفيسر پوري سال ۾ ھڪ دفعو وزٽ ڪري رشوت وٺڻ بعد غائب، شھرين وزيراعلي سنڌ کان غير معياري ۽ ملاوٽ واري کير جي وڪرو ۽ سندس من پسند ريٽ مقرر ڪرڻ تي سندس دوڪاندارن خلاف قانوني ڪاروائي جي گھر ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو