ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته غزه جي وڏي ۾ وڏي اسپتال الشفا سان ڪميونيڪشن ختم ٿي ويو آهي. اسرائيلي بمباري سبب رابطي جو ڪو ذريعو ناهي بچو، اسرائيلي فوج اسپتالن جي آس پاس علائقن کي گهيري ورتو آهي ۽ لڙائي جاري آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ’سنگين صورتحال‘ آهي، دنيا جنگ بندي ڪرائي. 20 کان وڌيڪ نون ڄايل ٻارن جي غياتي به خطري ۾ آهي. غزه جي ٻئي وڏي اسپتال القدس پڻ تيل نه هئڻ سبب غير فعال ٿي وئي. فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ موجب پهرين وڏي اسپتال الشفا بعد ٻيو نمبر وڏي اسپتال القدس به زخمين کي علاج فراهم ڪرڻ کان قاصر آهي. فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته طبي عملو بدترين حالتن ۾ زخمين جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسپتالن ۾ دوائن، پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. ٻئي طرف غزه جي اسپتالن تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو جاري آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه جي خان يونس اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ 13 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بمباري سان آس پاس جا گهر به ملبي جو ڍير بڻجي ويا آهن. الشفا اسپتال جي سرجن جو چوڻ آهي ته اتر غزا جي ڪيترين ئي اسپتالن کي اسرائيلي فوج گھيري ورتو آهي، طبي عملو ۽ مريض عملي طور جنگ جي ميدان ۾ اچي ويا آهن. گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته غزه ۾ ٻارن لاءِ ڪابه محفوظ جاءِ ناهي، اسپتالن جي اندر جي صورتحال افسوسناڪ آهي. يونيسيف جي ترجمان ٽوبي فريڪر موجب غزه جي الشفا اسپتال ۾ وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٻار پنهنجي زندگين لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن، تصور ڪريو جيڪڏهن توهان انهن ٻارن مان هڪ جا والدين آهيو، جيڪڏهن توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو ته اهو هڪ حقيقي سانحو آهي. هن اپيل ڪئي ته دنيا کي گهرجي ته ٻارن کي وحشي بمباري کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جي 37 ڏينهن جي وحشياڻي ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 11 هزار 100 کان وڌي ويو آهي. جن ۾ فوتي ٻارن جو انگ 4500 کان مٿي آهي.
