غزه جي اسپتالن ۾ باهه ۽ رت جي راند ڏسڻ نٿا چاهيون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته هو غزه جي اسپتالن ۾ باهه ۽ رت جي راند ڏسڻ نٿو چاهي.هڪ آمريڪي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جڪ سليوان چيو ته آمريڪا اسرائيلي فورسز تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو غزه جي اسپتالن اندر هٿيارن سان ويڙهه کان پاسو ڪن، جنهن سان شهرين جي زندگين کي خطرو ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته اسان اسرائيل کي واضح پيغام ڏنو آهي ته آمريڪا غزه جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ معصوم شهرين ۽ مريضن کي گولين جو شڪار ٿيندي ڏسڻ نٿو چاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو