غزه (ويب ڊيسڪ)اتر غزا ۾ اسرائيلي فورسز انڊونيشيا جي اسپتال مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، 12 ڄڻا مارجي ويا، انهن ۾ ڪجهه ڊاڪٽر ۽ زخمي مريض به شامل آهن. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، سندن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس هلڻ گهرجي. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڊاڪٽر پڻ زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ انڊونيشيا جي اسپتال جو آرٿوپيڊڪ چيف ڊاڪٽر عدنان البريش به شامل آهي. سرڪاري انفارميشن آفيس موجب شهيد سول ڊفينس اهلڪارن ۽ ڊاڪٽرن جو انگ 201 ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج غزه پٽي جي ڏکڻ ۾ رفح جي اوڀر ۾ 2 گهرن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف عرب ڪئمپ جي دروازي تي گرفتار ڪيل زخمي نوجوان اسرائيلي حراست ۾ فوت ٿي ويو.
