غزا ۾ بک کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، آڪسفيم

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ اسرائيلي سفير جيلاد اردان انڪشاف ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻه ڀيرا بن يامين نيتن ياهو کي فون ڪئي پر هن ساڻس ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو آهي. گڏيل قومن پاران اسرائيل تي جنگي ڏوهن جي الزامن بعد اسرائيل عالمي اداري جي امدادي ٽيم کي ويزا جاري ڪرڻ کان به انڪار ڪيو آهي. اسرائيلي نمائندي جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جا ڪيترائي نمائندا جيڪي غزا ۽ اسرائيل م ڪم ڪن ٿا اهي متعصب آهن ۽ صورتحال کي وڌائي چڙهائي پيش ڪن ٿا.

ٻئي پاسي عالمي امدادي ادري آڪسفيم چيو آهي ته عزا ۾ امدادي سامان 2 سيڪڙو ماڻهن جي خوراڪ برابر به ناهي ويو ۽ اسرائيل بک کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. برطانوي اداري پاران ٽوئٽر تي هي بيان ان ڏينهن جاري ڪيو آهي، جنهن ڏينهن برطانوي وزيراعظم فوجي جنگي جهاز ۾ اسرائيلي فوج لاءِ جديد .هٿيار کڻي تل ابيب پهتو آهي ۽ حماس خلاف اسرائيلي جنگ کي هڪ ڀيرو ٻيهر جائز قرار ڏنو آهي.

غزا جي اسپتالن ۾ جنريٽرن لاءِ تيل ناهي، ڪيترن ئي فلسطينين اسپتالن ۾ پناهه ورتي آهي ۽ اسرائيل اسپتالن ۾ حماس جي ڪارڪنن جي پناهه جو جواز ڄاڻائي حملن جي ڌمڪي ڏني آهي. هوڏانهن اسرائيل غزا تي بمباري تيز ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو