سنڌ ۾ پيش آيل واقعن ۽ حادثن ۾13 فوت، 53 زخمي،3 گرفتار

ڪراچي(نمائندن وٽان) عيد جي ٻن ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نماز دوران مسجد جي ڇت ڪرڻ، بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ، وهنجڻ ۽ نانگ جي ڏنگ سبب 13 ڄڻا فوت 53 زخمي ٿي پيا. متاثره خاندانن ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. جڏهن ته ڪنڊيارو پوليس 3 چاٻي چورن کي گرفتار ڪري 7 موٽر سائيڪلون برآمد ڪري مالڪن کي موٽائي ڏنيون آهن. سکر مان جیرام بختیارپوري موجب آباد ٿاڻي جي حد ايئرپورٽ روڊ واري علائقي ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار باگڙجي واسي 5 سالا حمادالله ۽ ٻارڙي ڪشف فوت ٿي ويا، جڏهن ته صديق جوڻيجو سندس گھرواري سلمت خاتون پٽ اسدالله جوڻيجو شديد زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. آباد پوليس موٽر سائيڪل ۽ ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب انڊس ها۽ وي تي ڳوٺ شھمير دائيداڻو وٽ هڪ  ٻئي پويان ٻه ڪارون  موٽر سائيڪل مٿان چڙھي  وڃڻ جي نتيجي ۾ نوجوان  موٽر سائيڪل سوار 15 ورهين  جو عامر ولد علي محمد دائيداڻو  موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 17 ورهين جو شان  علي ولد محمدعرس  دائيداڻو  سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پهريون ٽڪرهڻندڙ ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته پويان ايندڙ ڪار کي خاڻوٺ پوليس تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.*** مانجهند لڳ ڳوٺ ابڙا ۾ بجلي جي پول کي ڏنل سپورٽ جي تار کي ٽيڪ ڏيڻ تي ڪرنٽ  لڳڻ سبب 12 ورهين جو نينگر مقدس پٽ عبدالستار ابڙو فوت ٿي ويو جنهن تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو نينگر جي مڙھ کي درگاه شاه اويس قرني قبرستان ۾ دفن  ڪيو ويو. *** مانجهند لڳ درگاھ شاھ اويس قرني لنڪ روڊ تي چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار مير حسن لاشاري ۽ راشد کوسو چنگچي سوار قاسم رونجهو حسن رونجهو  غلام قادر حاجاڻو زخمي ٿي پيا  جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند پهچايو  جتي ٻن ڄڻن  مير حسن لاشاري، قاسم رونجهو  جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو جتي 20 ورهين جو نوجوان مير حسن لاشاري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جي هڪ هفتي کان پو۽ شادي به رٿيل هئي جيڪا ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. هوڏانهن  مانجهند پوليس موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.*** ڀرياسٽي مان مجيد ڪيريو موجب ڪنڊا کاھي لڳ نوشھروفيروز کان ڀريا ايندڙ ڀريا واسي نوجوان پڃيل عرف ڏاڍو ڪلھوڙو، آزاد عرف عظو ڪلھوڙو۔ منير شيخ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي موٽر وي پوليس ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو. قومي شاھراھ باء پاس  تي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سوارن کي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڀنڊ ماڙي واسي ٻه نوجوان سھيل احمد لاکير، نويد لاکير سميت مڃٺ واسي پيرسن الھڏنو ملاح سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي شھرين اسپتال داخل ڪرايو. جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کي طبي امداد فراھم ڪندي ھڪ زخمي پڃيل ڪلھوڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ ريفر ڪيو.***ڪنڊيارو مان اسد جعفري موجب پوليس ڪاروائي ڪندي 3 چاٻي چورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي عبدالحميد پنهور, ايس ايڇ او اختر ابڙو ڪنڊيارو ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي ٽن چاڄي چورن شعبان سيال, امداد کچي ۽ انور پنهور کي گرفتار ڪري هنن وٽان 7 موٽرسائيڪولون هٿ ڪيون آهن گرفتار چورن  مان هڪ جو تعلق نوابشاه ضلع, ٻن جو تعلق ڪنڊيارو تعلقي سان آهي, هٿ ڪيل موٽرسائڪلون مالڪن رمضان پٺاڻ, آصف گهانگهرو, امين گوپانگ, مدثر حوالي  ڪيون ويون.*** اوٻاوڙو مان اسد علي گهنڃو ريتي روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل جو بيٺل رڪشا سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ قادرو چاچڙ واسي موٽر سائيڪل سوار سيڀو مينگهواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن کي آس پاس جي ماڻهن تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.*** اوٻاوڙو ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ مٽر ڪوٽ ۾ پورهيت ڪمبير ڌانڌو جي گهر جي اوچتو ڀت ڪِرڻ سبب 11 ورهين جو نينگر محبت ڌانڌو پٽ ڪمبير ڌانڌو ۽ سندس ڀاءُ 8 سالا صحبت ڌانڍو سخت زخمي ٿي پيا ٻنهي نينگر کي وارثن ٻاهر ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي هڪ نينگر محبت ڌانڌو پنھنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ته ٻيو زخمي نينگر صحبت ڌانڌو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو جتي هو زيري علاج آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.*** سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب سئي گئس ڀرسان ڳوٺ ڪلر ۾ روڊ تي راند کيڏندي معصوم نينگري  6 سالا سونيا ڌي دلاور ڀيل ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي جڏهن ته حادثي جو اطلاع ميرواه پوليس کي ڏنو ويو پوليس  ڊاٽسن ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو. ملير مان درياخان شر موجب سھراب ڳوٺ ۾ عيد نماز دوران مسجد ابو حریره جي ڇت ڪرڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٽيھ کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت زخمين  کي پرائيوٽ گاڏين ۾ اسپتال علاج لاء روانو ڪيو، جڏھن تہ ايس ايس پي ملير جاءِ واردات تي پھچي ويو جنھن فوري طور ايمبولينس ۽ پوليس موبائيلن ۾ زخمين کي اسپتال روانو ڪيو. اوٻاوڙو مان اسد علي گهنڃو موجب قادرپور جي ڪچي جي ڳوٺ بخشو سندراڻي جي رهواسي حاڪم علي عرف کنڊو سندراڻي جون 2 ڌيئرون 12 سالن جي وحيده سندراڻي ۽ 9 سالن جي نويده سندراڻي درياء ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي بعد گهر ٻاهران پاڻي ۾ وهنجندي ڇولي ۾ لڙهي ويون جنهن بعد گهر ٻاهران بيٺل ماڻهن همت ڪري هڪ معصوم نينگري نويده سندراڻي کي بيهوشي واري حالت ۾ بچائي ورتو جڏهن ته وحيده سندراڻي ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش ھٿ ڪيو ويو, ***پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب ڳوٺ خيرو انڍڙ ۾ گهر اندر پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جو نوجوان شاهنواز پٽ عبدالرزاق انڍڙ فوت ٿي ويو.***ڊرگھ بالا مان جي ايم لنڊ موجب جوهي لڳ ايم اين وي ڊرين ۾ عيد جي ڏھاڙي جوهي شھر جا 3  نوجوان  وهنجندي ٻڏي ويا، جن مان نوجوان علي رضا راجپوت ولد محمد سليم ٻڏي فوت ٿي ويو.

جڏنهن ته سندس سئوٽ سڪندر راجپوت ولد اسلم ، محمد آصف ولد محمد عظيم پوليس جمعدار کي سندس ساٿين وهنجڻ دوران بچائي ورتو. ٻڏي فوت ٿي ويل علي رضا راجپوت جو لاش آخري اطلاعن تائين هٿ نه اچي سگهيو هو.****خانواهڻ مان عاجز امتياز نوح پوٽو موجب ديهات جي رهواسي پورهيت لعل بخش ڪوري جو تقريبن ڏَھَ سالا پُٽُ زوار علي ڪوري بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.***خانواهڻ  ڀرسان ڳوٺ صالح جون لانڍيون ۾ ڳوٺاڻو  50 سالہ پورھيت محمد سليمان ولد الھہ ڏنو سيال نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو