ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عيد جي پنجن ڏينهن ۾ جانورن جو اجھريون کڻڻ وارو آپريشن ڪامياب رهيو. جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي نمائندن اسان سان گڏ ڪم ڪيو، بلاول ڀٽو جا واضح حڪم آهن ته ڪراچي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. ڪراچي جو عوام اختيار نه پر انتظام ڏسڻ چاهي ٿو. ميئر ڪراچي چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ ڪيترائي تعميراتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترائي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ڪيا ويندا. شاهراهه نورجهان، شاهراهه همايون ۽ شاهراهه عالمگير جي حالت خراب هئي، هاڻي انهن تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. جيئن اسان لياري جي ڪڪڙي گرائونڊ ۾ جديد اسپورٽس ڪمپليڪس تعمير ڪرايو آهي، اهڙي طرح سينٽرل ضلعي ۾ بختيار يوٿ سينٽر لاءِ بجيٽ ۾ ميگا اسڪيم منظور ڪئي وئي آهي. هن سينٽر کي جديد اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ تبديل ڪيو ويندو، فائيو اسٽار چورنگي تي روڊ جي تعمير جو ڪم جاري آهي، سينٽرل ضلعي جي عوام جي بهتر نموني خدمت ڪئي ويندي. هن چيو ته سينٽرل ضلعي جا انڊر پاسز اڳ مسئلا هئا، هاڻ انهن کي به بهتر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته تعصب جي سياست ختم ڪئي وڃي. محبت، ڪم ۽ ترقي جي سياست ڪرڻ گهرجي، شهر ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪيو ويندو. ميئر ڪراچي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، ميئر ڪراچي، ڊپٽي ميئر ۽ مڪاني ادارن واري وزير جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن. ڪراچي، سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏجي ويهڻ جي عزم کي ورجايو. تقريب کي سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر امتياز شاهه ۽ چيني ڪمپني جي
