عيد تي ملڪ ۾ تيز برساتن جو امڪان،اربن فلڊنگ جو خطرو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڄ کان ملڪ ۾ تيز برساتن جو سلسلو داخل ٿيندو، اڄ رات کان 30 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب موجب عيد تي به موسم خوشگوار رهڻ جو امڪان آهي، صوبائي ڪنٽرول روم ۽ ضلعن جي ايمرجنسي آپريشن سينٽرن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان 30 جون تائين لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چکوال، جهلم، ميانوالي ۽ سرگوڌا ۾ برسات پوندي.حافظ آباد، منڊي بهاءُ الدين، سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، گجرات، شيخوپوره، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 26 کان 29 جون دوران ڊي جي خان، راجن پور، ملتان، ڀکر، ليه، ڪوٽ ادو، بهاولپور، بهاول نگر، ساهيوال، پاڪپتن ۽ اوڪاڙه ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا ۾ 26 ۽ 27 جون تي تيز برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته مري ۾ لينڊ سلائيڊنگ به ٿي سگهي ٿي.پي ڊي ايم اي چيو ته 27 جون تي ڊي جي خان ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو خدشو آهي، مسافر ۽ سياح احتياط ڪن ته جيئن اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي.آفيسرن جو چوڻ آهي ته هارين کي برساتن جي موسم مطابق زرعي معاملن کي ترتيب ڏيڻ گهرجي، تيز هوائن سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچي سگهي ٿو، بجلي جا پول ۽ سولر پينل وغيره به خراب ٿي سگهن ٿا، شهري ايمرجنسي جي صورت ۾ مدد لاءِ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو