ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عيد الاضحيٰ ۾ صرف ٽي ڏينهن باقي رهجي ويا، مختلف شهرن ۾ ماڻهن رات جو به من پسند قرباني جي جانورن جي ڳولا جاري رکي، واپارين جو منهن گهري قيمت تي وٺڻ واري ضد تي برقرار آهن اسلام آباد جي منڊي ۾ فتح جنگي ڏاندن جي ڌم مچي وئي، شوقين ڇهه لک رپين ۾ به خريد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.










