عيدالفطر تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

عيدالفطر تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي 4 اسپيش: ٽرينون هلائڻ جوف يصلو ڪري ورتو آهي. ريلويز جي ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 16 مارچ تي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ رواني ٿيندي،جڏهن ته ٻئي عيد اسپيشل ٽرين17 مارچ تي ڪوئٽه کان راولپنڊي رواني ٿيندي. ريلويز جي ترجمان ٻڌايو ته ٽئين عيد اسپيشل ٽرين 17 مارچ تي ڪراچي کان پشاور جي لاءِ رواني ٿيندي. عيد اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ريلوي واري وزير جي هدايت تي مسافرن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي جيئن مسافر پريشانين کان بچي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو