عوام کي سستي اگهه تي شيون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون: ولاسائي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي چيو آهي ته سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ عوام کي سستي اگهه تي ضروري شيون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، عوام انتظاميا سان سهڪار ڪندي منافع خورن جي نشاندهي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ڪالوني واري علائقي ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳل بچت بازار جو دورو ڪندي شهرين ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سريندر ولاسائي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه منافع خورن سان سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن زور ڏنو ته شهري مطالبو ڪن ته ضروري شيون خريد ڪرڻ وقت واپارين کي ريٽ لسٽ ڏيکاري وڃي. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هو سرڪاري اگهه کان وڌيڪ اگهه تي شيون خريد نه ڪن، انتظاميه سان سهڪار ڪن ۽ منافع خورن جي نشاندهي ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي بچٽ بازار ۾ لڳل شين جي اسٽالن جو دورو ڪيو، ريٽ لسٽن ۽ شين جي معيار جو جائزو ورتو. سريندر ولاسائي بچٽ بازار جي حوالي سان موجود شهرين کان راءِ به ورتي. شهرين سنڌ حڪومت پاران رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بچٽ بازار منعقد ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ بازار جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سريندر ولاسائي بچٽ بازار ۾ بهتر انتظامن تي لاڳاپيل اختيارين جي واکاڻ ڪئي ۽ عوام جي سهولت لاءِ اسٽالن جو تعداد وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميمبر سنڌ اسيمبلي حميد الظفر، اسسٽنٽ ڪمشنر منشاد شاهاڻي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو