عوام قرضي ڪري ڇڏيو آهي، قرض لاهيندس،محمد بخش خان

میرپور ماٿيلو(ظھير وسير) اين اي 205 گهوٽڪي تي ضمني چونڊ ۾ ڪامياب پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مھر چيو آھي ته پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري مون تي اعتماد ڪيو ته ان سان نڀايو. ھاڻي عوام اعتماد ڪيو آھي ته ايئن نڀائيندس جيئن نڀائڻ جو حق هوندو آھي. هن چيو ته پوري ضلعي جي عوام جو ٿورائتو آھيان ۽ مهر قبيلي حقدار جو حق ادا ڪري مون کي پنهنجو قرضي ڪري ڇڏيو آھي. پنهنجي رهائشگاهه تي مبارڪباد لاءِ آيل مختلف قافلن کي خطاب ڪندي هن چيوته عزت دل ۾ ھوندي آھي ڪنهن کي هيٺ ويهارڻ ۾ نه، تنهن ڪري هو اڄ اعلان ڪري ٿو ته  مهر برادري سندس رهائشگاهه تي هيٺ نه ويهندي۔ جن مون کي ايترو مان ڏنو آھي سي هيٺ ويهندا ته مون کي تڪليف ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد هو چونڊ مهم وانگي گوٺ گوٺ وڃي ماڻھن جا ٿورا مڃيندو. سندس چوڻ ھو ته انقلاب اچي چڪو آھي ۽ هن ووٽ وٺڻ لاء واعدا نه ڪيا هئا پر ماڻھن جون دليون کٽڻ نڪتو هو ۽ سندس پهرين ترجيح عوامي مسئلن جو حل ۽ علائقي جي خوشحالي هوندو.  سردار محمد بخش خان مھر جو چوڻ ھوته هو پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت ۽ اتحادين کي ساڻ کڻي هلندو. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته هاڻي ثابت ٿي ويو ته عوام پ پ ۽ مرحوم سردار غلام محمد خان جي وارثن سان سان گڏ آهي. هن چيوته حلف کڻڻ بعد ضلعي تي خاص توجه ڏيندس ۽ وفاق ۾ سنڌ جي حقن تي هرگز سوديبازي نه ڪندس ۽ عوام سان گڏ هوندس. ٻئي پاسي سردار محمد بخش مھر جي ڪاميابي تي گهوٽڪي، خانڳڙھ، خانپورمهر، لنڊبازار ۽ عادلپور سميت مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍي جشن ملهائڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو