عوام جي ٽيڪس تي حڪمران عياشيون ڪرڻ بند ڪن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ستار رند ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب جي ڌاڙيل واهن ۽ ڪينالن جا منهن کولي، سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سارين جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي، ٻيا فصل به سڪن پيا، سنڌ جو پاڻي بند ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتلام ڪري ڪروڙين روپين جو نقصان ڏنو پيو وڃي. سنڌ جي اڪثر علائقن جا ماڻهو اڃ ۽ بک ۾ مبتلا آهن. معصوم ٻارڙا بکن وگهي مري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ عوام جو رت چوسي، ڳرا ٽيڪس لڳائي مهانگائي ڪري، اهي ٽيڪس جا پئسا حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ڪيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين جي سرڪاري فرنيچر لاءِ هڪ لک مان وڌائي 50 لک روپيا رکيا ويا آهن، سندس گهر جي مسواڙ ۾ به هڪ لک 47 هزار روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان سينيٽ چيئرمين کي اڍائي لک روپيا ماهوار گهر جي مسواڙ لاءِ ڏنا ويندا، جڏهن ته کيس سرڪاري رهائش گاه به الڳ سان مليل آهي. سينيٽ چيئرمين کي روڊ تي سفر ڪرڻ لاءِ به 400 روپيا في ڪلوميٽر جي حساب سان پئسا ملندا.جڏهن ته اڳوڻي سينيٽ چيئرمين کي 12 ملازمن جو عملو به ملندو.ان کان علاوه به ڪيتريون ئي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون ويون آهن.سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارليامينٽ جي ٻين ماڻهن کي به ڪيتريون ئي سهولتون ۽ مراعتون ملن پيون.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته جڏهن عام ملازم کي گهر جي مسواڙ لاءِ 5/6 سئو روپيا ڏنا پيا وڃن ته پوءِ سينيٽ چيئرمين کي اڍائي لک روپيا مسواڙ جا ڇو ٿا ملن؟ هنن چيو ته جڏهن سينيٽ چيئرمين ۽ پارليامينٽ جي ٻين ماڻهن کي سرڪاري گهر الاٽ ٿيل آهن ته پوءِ کين سرڪاري فنڊن مان مسواڙ ڇو ٿي ڏني وڃي؟ اڳواڻن چيو ته ھڪ طرف ملڪ معاشي طور تي ڪنگال ڪري ڏيوالو ڪڍيو ويو آھي ته ٻئي پاسي عوام جي ٽيڪس مان عوام کي بنيادي سھولتون ڏيڻ بدران عوام جي ٽيڪس تي حُڪمران عياشيون ڪري رھيا آھن ۽ عوام جو پئسو ناجائز پنھنجن سھولتن تي خرڍ ڪن ٿا.اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا بند ڪري، سنڌ کي پنھنجي حصي پتيء جو پاڻي ڏنو وڃي، ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙهي عوام مٿان مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ان سان گڏ سينيٽ ۽ وفاقي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي ڳريون مراعتون ڏيڻ جو سلسلو پڻ بند ڪيو وڃي.ٻي پاسي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي طرفان شهيد عثمان ڪاڪڙ جي ڪوئيٽيا ۾ ملهائجندڙ ورسي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ عوامي تحريڪ جو وفد مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽي، ڪاشف ملاح، نور نبي پليجي، اياز کوسي ۽ اياز صالح پليجي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد کان ڪوئيٽا روانو ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو