ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ليجنڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي مداحن کان وڇڙي اڄ 2 سال گذري ويا آهن.عمر شريف 19 اپريل 1955ع تي ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ پيدا ٿيو، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اسٽيج ڊرامن سان ڪئي ۽ بعد ۾ هن پنهنجو نالو بدلائي عمر شريف رکيو ۽ پوءِ ان نالي سان سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيائين.عمر شريف جي مشهور مزاحيه ڊرامن ۾ ’بڪرا قصو پار‘ ۽ ’بڍا گھر پر هي‘ شامل آهن.ليجنڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار کي پاڪستان جي تفريحي صنعت لاءِ ناقابل فراموش خدمتن تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.عمر شريف کي 10 نگار ايوارڊن کان علاوه 1992ع ۾ رليز ٿيل فلم ”مسٽر 420“ لاءِ بهترين اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ تي 2 قومي ايوارڊن سان نوازيو ويو.ليجنڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار کي سندس خدمتن جي عيوض تمغہ امتياز سان پڻ نوازيو ويو.
