پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ درج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صاحبزاده اسد الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت عمر ايوب جي 9 جنوري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواستگذار عمر ايوب کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ گهرجي.










