عمران خان کي جيل ۾ وجهڻ جي خواهش نواز ليگ جي هئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ وجهڻ جي خواهش ن ليگ جي هئي ۽ هن جي ئي خواهش تي اليڪشن جي تاريخ وڌائي وئي،سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم خدمت نه پر شهرين کي هراسان ڪري رهي آهي، مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو به هڻي ڇڏيو،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته سينٽرل ضلعي ۾ ڪا ٻي پارٽي آفيس نه ٿي کولي سگهي، مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته اسان ويڙهه ڪرڻ چاهيون ته ڪو به اسان کان کَٽي نه ٿو سگهي، جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهن جي هدايت تي پيپلز پارٽيءَ جي آفيس تي حملو ڪيو ويو،هن چيو ته جيڪڏهن پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي نه ڪئي ته صورتحال ڏکي ٿي ويندي، حملي پٺيان شامل ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي پي ايس پي مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، خالد مقبول ايم ڪيو ايم جو بيوس ڪنوينر آهي، ايم ڪيو ايم جا جيڪي ٿورا گهڻا ووٽ هئا، اهي مصطفيٰ ڪمال جي اچڻ بعد ختم ٿي ويا، مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو لڳائي ڇڏيو آهي، ن ليگ پنهنجون سموريون خواهشون پوريون ڪرايون، ن ليگ جي خواهش تي اليڪشن جي تاريخ وڌائي وئي ۽ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ وڌو ويو، پي ٽي آءِ باني کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جي خواهش به ن ليگ جي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو