پي ٽي آءِ خلاف اِي سي پي جي توهين جي ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت

پي ٽي آءِ خلاف اِي سي پي جي توهين جي ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف ڪارروائي جاري رکي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اعتراضن تي به قانون موجب فيصلو ڪري، جيئن ڪو به اعليٰ اختيار نه هجي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽن رڳو حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي، اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي جو اختيار ڏئي ٿو.عدالت وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ واري سيڪشن کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، موجوده قانون کي به چيلينج ڪيو وڃي ته ان تي عملدرآمد کان روڪي نٿو سگهجي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو