عمران خان اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي ڌمڪيون نه ڏنيون: فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي ڌمڪيون نه ڏنيون،عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري زال حبا جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهلي تي چيو ته منهنجي ۽ حبا ٻنهي جا سمورا بئنڪ اڪائونٽ ڊڪليئر ڪيا ويا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي ڪڏهن به ڌمڪيون نه ڏنيون، هن اهو به چيو ته هن ڪڏهن به اهڙو جانبدار ۽ بي ايمان اليڪشن ڪميشن ناهي ڏٺو، عمران خان ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ کي ٻڌايو ته سندس خلاف جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس التوا ۾ آهي.فواد چوڌري موجب عمران خان چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهرمن الله 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جو نوٽ لکيو هو.عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊون وقت تي نه ٿيون ته آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو ويندو.گفتگو دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا جيل مان پي ٽي آءِ جي باني جو پرڏيهي جرنل لاءِ ڪالم لکڻ درست آهي؟ ان تي فواد چوڌري چيو ته مان تصديق نٿو ڪريان پر ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني وڪيلن کي نوٽيس ڏئي سگهي ٿو، ضرور لکيو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو