عظيم سنڌي سان ادبي رهاڻ، مقررن پاران زبردست خراج پيش

شاهپور جهانيان )اسد ٻگهيو) سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شاعر ، اديب ، سماج سڌارڪ ۽ سگا اڳواڻ ڪامريڊ عظيم سنڌي سان شام ملهائي وئي. ان موقعي تي اديبن ، دانشورن ، ليکڪن ، صحافين ، وڪيلن ، استادن ، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ، سيد مختيار شاه ، حاڪم علي اوٺو ، اسلم عباسي ، خليق گچيرائي ، نثار احمد ميمڻ ، جي ايم ڀان ، خادم بالادي ، ڊاڪٽر مشتاق باغاڻي ، شمشاد احمد سومرو ، اسد سولنگي ، علي خان عادل ، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عظيم سنڌي سنڌ جو هڪ وڏو ۽ ارڏو ڪردار آهي.

جنهن سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا گيت ڳايا، عظيم سنڌي سنڌ جي قومي راند ملاکڙي جو شوقين رهيو ۽ سندس شاگرد اڄ به راندين ۾ وڏي درجي تي آهن. هنن چيو ته عظيم سنڌي غريب پورهيت هجڻ باوجود سندس اوطاق تي مشهور اديب ، دانشور ۽ سماج سڌارڪ ماڻهو سندس ڪچهريون ٻڌڻ ايندا هئا.  پروگرام جي آخر ۾  سريلي راڳي عابد سولنگي قومي ، صوفي ۽ عارفاڻا ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو