عدالت ۾ رشوت جي شڪايت جو ازالو نه ٿيو، پوڙهو پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اينٽي نارڪو ٽيڪس ڪورٽ پيشي لاءِ پهتل بزرگ شاهنواز پوليس جي رشوت خوري  بابت دانهيندي چيو آهي ته گذريل ڏيڍ سال کان عدالت اچي رهيو آهيان. ڪيس جو فيصلو ته ناهي ٿيو پر هر حاضري تي عدالت جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن کي رشوت ڏيڻي پئي ٿي.  عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي 85 ورهين جي شاهنواز ٻڌايو ته هر پيشي تي مون کان 500 کان هڪ هزار رپين تائين وصول ڪيا ويندا آهن جڏهن ته پوليس وارا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل فون جمع ڪرائڻ جا به پئسا وٺن ٿا. هن ٻڌايو ته مان غريب ماڻهو آهيان مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏيڍ سال کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان پر انصاف نٿو ملي. بزرگ روئڻهاروڪو ٿيندي چيو ته اڄ به پنهنجي ڀاڄائي کان 5 سئو رپيا وٺي آيو  آهيان. پوليس وارن کي  ايترو به رحم نٿو اچي ته مان پوڙهو ماڻهو هر پيشي تي ايترا پئسا ڪٿان کڻي ايندس.

پهنجو تبصرو موڪليو