عدالت پاران بشير ميمڻ جي پينشن جاري ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جي پينشن روڪڻ وارو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معطل ڪري ڇڏيو آهي. بشير ميمڻ جي درخواست تي چيف جسٽس اطهر من الله طرفان اي جي پي آر کي پينشن واري مامري جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اي جي پي آر جي آفيسر کي لاڳاپيل قانون پڙهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قانون موجب بشير ميمڻ جي پينشن نٿي روڪي سگهجي، پوءِ ڇو ائين ڪيو ويو؟. عدالت چيو ته پينشن جاري ڪريو ۽10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪريو. ياد رهي ته بشير ميمڻ جي دعويٰ آهي ته کيس سروس جي آخري ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ هن ٺوس ثبوتن کانسواءِ ڪيس داخل ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي. جنهن بعد کيس هٽايو ويو هو ۽ ترت ئي هو ريٽائر ٿي ويو هو. سندس 70ملک جي لڳ ڀڳ پينشن روڪي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو