عدالت نواز شريف جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. هن طبي بنياد تي درخواست داخل ڪئي هئي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اخترڪياني تي مشتمل بينچ سماعت شروع ڪئي ته نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي ميڊيڪل رپورٽس پڙهڻ شروع ڪيون ته جسٽس ڪياني کيس چيو ته ميڊيڪل ٽرمنالاجي کي ڇڏيو نتيجو ٻڌايو، جنهن تي هن چيو ته 60 سيڪڙو سندس طبيعت خراب آهي سندس جان کي خطرو آهي، جن ڊاڪٽرن سندس علاج ڪيو آهي اهي ئي ڪري سگهن ٿا ۽ اهي لنڊن ۾ آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته 6 هفتا جيڪا ضمانت ملي ان دوران ٽيسٽ ڪرايا، بيماري جي تشخيص ٿي وئي آهي هاڻي علاج جي ضرورت آهي. نواز جي دل جو شريانون بند آهن ۽ وال پوندو. هڪ موقعي تي عدالت چيو ته پاڪستان ۾ بهترين ڊاڪٽر موجود آهن ۽ هو پرڏيهه ۾ به ڪم ڪن ٿا. جنهن تي خواجا حارث چيو ته پاڪستان انڊيا سان ميچ ۾ دٻاءَ ۾ هوندو آهي ٻين سان کلي کيڏندو آهي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ۽ بعد ۾ جاري ڪيو. ياد رهي ته نيب جي وڪيل نواز شريف جي العزيزيه ۽ هل ميٽل ڪيس ۾ سزا جي معطلي جي درخواست جو جواب جمع ڪرائيندي مخالفت ڪئي هئي. ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي 24 ڊسمبر تي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ 7 سال ٽيپ، 1.5 ارب روپيا ۽ اڍائي ڪروڙ ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هن وقت هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي. هن عدالت ۾ جنوري ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ وڏا قانوني جهول آهن، جيل ۾ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ سندس طبيعت خراب آهي زندگي موت جو مسئلو آهي، ان ڪري سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. نيب پيرا وار جواب ۾ چيو هو ته هو جسماني ۽ ذهني طور ٺيڪ آهي، سپريم ڪورٽ کيس پسند جي ڊاڪٽر کان ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ ضمانت منظور ڪئي پر هن علاج نه ڪرايو. جيل ۾ سندس ذاتي معالج معائنو ڪري ٿو، مسلسل سندس صحت جي مانيٽرنگ هلي پئي، ذهني دٻاءَ سبب زندگي کي خطرو ناهي هوندو، هن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، خارج ڪري کائنس ڪيس جو خرچ ڀرائي ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو