عامر خان سان فلم ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپر اسٽار عامر خان سان مشهور فلم ”دنگل“ ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا 19 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سوهاني ڀٽناگر فلم ”دنگل“ ۾ ببيتا فوگٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سوهاني ڀٽناگر کي 7 فيبروري تي اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ 16 فيبروري تي فوت ٿي وئي هئي.اداڪارا جي خاندان جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ ڊرماٽومائوسائٽس نالي هڪ ناياب مرض ۾ مبتلا هئي جنهن جي ڪري چمڙي ۾ خارش ۽ عضلات جي ڪمزوري ٿيندي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا سوهاني ڀٽناگر جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته هن بيماري جون علامتون 2 مهينا اڳ ظاهر ٿيون هيون، جڏهن ته اداڪارا ۾ بيماري جي سڃاڻپ صرف 10 ڏينهن اڳ ٿي هئي.اداڪارا جي ماءُ پوجا ڀٽناگر جو چوڻ هو ته 2 مهينا اڳ سندس ڌيءَ جي هٿن تي لال داغ ظاهر ٿيو هو، جنهن کانپوءِ اسان مختلف اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي پر مرض جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.اداڪارا جي والد جو چوڻ آهي ته ڌيءَ جي حالت بهتر نه ٿي ۽ آخرڪار کيس ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ٿي ويو.هن چيو ته ڌيءَ کي به وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ رڳو 5 کان 6 ماڻهو اهڙا آهن جن ۾ هن مرض جي سڃاڻپ ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو