ممبئي (ويب ڊيسڪ)مسٽر پرفيڪشنسٽ جي ڌيءَ ايرا خان جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.ايرا خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي مداحن سان مراٺي انداز ۾ شادي جي شروعات جي تقريب ”ڪلوان“ جون تصويرون شيئر ڪيون آهن.هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ايرا خان پنهنجي منگيتر نوپور شڪري سان پيار جو اظهار ڪندي لکيو ته مان هن سان بيحد پيار ڪريان ٿي. ايرا خان ڪلوان ۾ شادي کان اڳ واري تقريب لاءِ ڳاڙهي ساڙي جو انتخاب ڪيو ۽ ان کي گلن جي زيورن سان ملائي ڇڏيو جڏهن ته هن جي منگيتر نوپور شڪر پيلي ڪرتا پاجاما جو عطيو ڪيو.ياد رهي ته گذريل هفتي به ايرا خان انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي تقريب جي حوالي سان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي.
