عامر برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ زنوار امام بخش عامر ۾ عامر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن  ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا 6 ڄڻا  مير محمد، جميل احمد، منير علي، عبدالغفار ۽ اسد علي ۽ ٻيا شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺري اسپتال منتقل ڪيو جن مان هڪ مير محمد جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري خيرپور سول اسپتال  منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي ڌر جو عزيز الله زخمي ٿي پيو. زخمين جي وارثن الهرکيو، اسد حسين، گدا حسين، آفاق حسين، آفتاب ۽ ٻين ٻڌايو ته مخالف جوابدارن غلام مصطفي، اظهر علي، عزيز الله، حفيظ، ياسين، ماجد، راشد، غلام رسول، اسد علي، وسيم علي ۽ ٻين اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري  شديد زخمي ڪيو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آھي جنهن جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي. هنن الزام مڙهيو ته سيٺارجا پوليس ڳري رشوت عيوض مخالف جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي. هنن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوبدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف سيٺارجا پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو