ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪاره عائزه خان فلسطين جي حق ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.عائزه خان مشهور پاڪستاني اداڪارا آهي جنهن جا انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوورز آهن جن جو تعداد 13 ملين کان وڌيڪ آهي، غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري کانپوءِ مداحن جو خيال هو ته اداڪاره اسرائيل خلاف ضرور آواز اٿاريندي.ان حوالي سان اداڪارا طرفان سوشل ميڊيا تي ڪو به بيان نه ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.تنقيد کانپوءِ عائزه خان اڱاري جي رات انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن فلسطين بابت ڪا به پوسٽ نه ڪرڻ بابت سوال جو جواب ڏنو.هن پوسٽ ۾ لکيو ته مون کي خبر آهي ته فلسطينين لاءِ روزانو دعا ڪرڻ پوسٽ ڪرڻ کان بهتر آهي، مهرباني ڪري جيترو ٿي سگهي دعا ڪريو ۽ هن پليٽ فارم تي ٻين تي آڱريون کڻڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪيو.اسان سڀني کي ٻار ۽ پيارا آهن ۽ اسين سڀ (فلسطينين تي ظلم) ۽ غم کي محسوس ڪري سگهون ٿا
