صوبائي وزير محمد اسمائيل راھو جو 59 سالگرھ ملهائي وئي

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سنڌجي ناليواري ھاري اڳواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي فرزند صوبائي  وزير زراعت محمد اسمائيل راھو جو 59 ھون جنم ڏينھن جي موقعي تي  سندس سالگرھ جي تقريب  جو ڪيڪ راھو خاندان جي پراڻي ويجھي  ساٿي حاجي علي گوھرلنڊ جي اوطاق تي سماجي  اڳواڻ قومل جذبن جي شاعر ء سندي ادبي سنگت آبادگارشگرمل جي خزانچي  احسان گوھر لنڊ جي  ميزباني ھيٺ  جوش و خروش سان ڪٽيو ويو.ھن تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي .تقريب صدارت سنڌي ادبي سنگت شاخ آبادگارشگرمل جي سيڪريٽري سيد اسلم شاھ ڏاڏاسائين جن ڪئي جنھن م مھمان خاص سماجي اڳوڻ آفتاب گوھوھرلنڊ ء  تعليمي ماھر سائين محمد بخش جماری، اعزاري مھمانن م استاد نصرالله مگسي، مشتاق احمد مھراڻوي لنڊ، ڊاڪٽر نويد گوھر لنڊ، تاج محمد لنڊ، فياض گوھر لنڊ، عطا الله لنڊ خالد حسين لنڊ ھئا. تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته محمد اسماعيل راھو بغير لالچ ء لوڀ جي سنڌي عوام ء ھارين پورھيتن  جي خدمت ڪندوآھي .  محمداسماعيل راھو عوام دوست  غريبن جوسچوليڊرآھي

پهنجو تبصرو موڪليو