صلح نامون پيش ٿيڻ تي قتل ڪيس جو جوابدار آزاد

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ صلح نامون ٿيڻ بعد جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو. مٺياڻي ٿاڻي تي 5 سال اڳ فريادي عاشق حسين دونگهه ڪيس داخل ڪرايو هو ته منهنجي ڀاءُ مقتول آصف علي کي جوابدار الهه رکيو، هاشم، ضمير، نظير ۽ عظيم سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت ۾ جوابدار  الهه رکيو صلح نامون جمع ڪرايو جنهن ۾ لکيل هو ته مان فريادي ڌر کي ڪلام پاڪ تي يقين دهاني ڪرائي آهي ته مان قتل ۾ ملوث ناهيان باقي چئن جوابدارن هاشم، ضمير، نظير ۽ عظيم مقتول آصف علي کي قتل ڪيو آهي. جنهن بعد عدالت جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته باقي 4 جوابدار قتل ڪيس ۾ روپوش آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو