ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هلندڙ صدي جو سڀ کان وڏو طوفان “ميليسا” (Melissa) جيميڪا سان ٽڪرائجي ويو. رائٽرز موجب 295 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوا وارو طوفان هاڻي ڪيوبا جي ٻئي نمبر وڏي آبادي واري شهرسينٽ الزبيٿ ڏانهن وڌي رهيو آهي. آمريڪا جي نيشنل هريڪين سينٽر موجب طوفان جي رفتار ۽ شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ليول 5 کان هاڻي ڪيوبا ڏانهن ليول 4 جو ٿي ويو آهي ۽ سندس رفتار 233 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي وئي آهي. سيفر سمپسن اسڪيل تي سڀ کان وڏي طوفان يعني ليول 5 جي آخري حد 252 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي مقرر ٿيل آهي. رپورٽ موجب، ڪيوبا جي مختلف علائقن مان 7 لک کان وڌيڪ ماڻهو طوفان سبب نقصان جي انديشي سبب پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب، گهڻي برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ موجود آهي، جڏهن ته طوفان سبب اڃا تائين 7 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جن مان 3 جيميڪا، 3 هيٽي ۽ هڪ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان واسطو رکن ٿا. جيميڪا جي وزيراعظم اينڊريو هاٽنيس سي اين اين تي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪو به اهڙو انفرااسٽرڪچر ناهي جيڪو ڪيٽيگري 5 جي طوفان کي برداشت ڪري سگهي. هن چيو ته روڊ رستا، اسپتالون. گهر آفيسون تباهه ٿيون آهن. خدشو آهي ته وڏو نقصان ٿيو هوندو پر اڃا رپورٽس اچي رهيون آهن.










