صدر ٽرمپ ۽ ميلانيا به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ ۽ سندس گهرواري ميلانيا ٽرمپ ۾ ڪورونا وائرس جي تصدي ٿيڻ بعد ٻئي قرنطينه ۾ هليا ويا آهن ۽ بحالي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان جوا علان صدر ٽرمپ پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تي ڪيو.

ان کان اڳ اهي خبرون آيون هيون ته صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ مشير مسز هوپ هڪس وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي هئي. جنهن بعد صدر ۽ سندس گهرواري پنهنجا ٽيسٽ ڪراي ته اهي به مثبت آيا. هوپ هڪس ايئرفورس ون ۾ صدر سان گڏ مني سوٽا رياست ۾ چونڊ ريلي کي خطاب بعد جڏهن جهاز مان ٻاهر آئي ته کيس ماسڪ پاتل نه هو.

Photo Screen Shot

صدر ٽرمپ ماسڪ پائڻ کي پسند ناهي ڪندو ۽ نه ئي سماجي دوري جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو. ياد رهي ته آمريڪا ۾ 72 لک کان مٿي ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا جن مان 2 لک کان وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو