ريفرنس خلاف تحريڪ لاءِ اجلاس، 14 جون تي ڌرڻي جواعلان

اسلام آباد/ ڪوئٽا(نمائندن وٽان) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي ملڪ جي وڪيلن جي نمائندا تنظيمن جو اعليٰ سطحي اجلاس ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير قانون فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل منصور علي خان جي بار جي رڪنيت معطل ڪئي وئي. اجلاس ۾ صدر پاران ججن خلاف داخل ڪرايل ريفرنس کي غير آئيني قرار ڏيندي ان کي رد ڪيو ويو ۽ اهو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ، بلوچستان پنجاب ۽ خيبر پختونخواه کي ڏورانهن علائقن مان وفد اسلام آباد پهچي ويا آهن. وڪيل تنظيمن 14 جون تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ صدارتي ريفرنس جي سماعت دوران سپريم ڪورٽ آڏو سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. احتجاج جي طريقه ڪار ۽ ڊگهي مدت واري تحريڪ بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر امان الله ڪنراني ڪوئٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران 14 جون تي ڀرپوراحتجاج جو اعلان پڻ ڪيو آهي. جنهن تي ڪجهه وڪيل دوست مٿس ناراض آهن ته جڏهن پاڪستان بار ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ هن کي سولو فلائي نه ڪرن گهرجي ها. 

پهنجو تبصرو موڪليو